شفالي واسديو

شفالي واسديو

شفالي واسديو

شفالي واسديو: هندستان جي فيشن ۽ گليمر جي دنيا جي بهترين نقاد ۽ ليکڪه شفالي واسديو، سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ نقاد هريش واسديو جي ڌيءَ آهي. سندس تعلق گجرات جي سنڌي خاندان سان آهي. شفالي واسديو پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات دنيا جي جڳ مشهور فيشن ميگزين ‘ميري ڪليئر’ (Marie Claire) جي هندستاني ايڊيشن جي پهرين ايڊيٽر ٿيڻ سان ڪئي، جنهن بعد هڪ ٻئي مشهور رسالي ‘دي انڊين ايڪسپريس’ جي ايڊيٽر بڻي. سندس ماءُ اندرا واسديو به سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪا هئي. جيڪا هن وقت گذاري وئي آهي.
شفالي، هندستان تي گليمر جي دنيا ۾ هڪ نقاد طور وڏو نالو ڪمايو آهي. هن فيشن تي ڪيترائي پرمغز ڪالم لکي پڙهندڙن ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي. هوءَ هندستان جي مشهور فيشن مئگزين: ’آئوٽ لڪ‘، ’هندستان ٽائيمز‘، ’انڊين ايڪسپريس‘ ۾ مسلسل لکندي رهي ٿي. شفالي واسديو فيشن جي حوالي سان هڪ ڪتابڙو ’پائوڊر روم‘ پڻ لکيو، جنهن هندستان توڙي هندستاني فيشن جي صنعت ۾ دلچسپي رکندڙ ٻاهرين ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو. جنهن ۾ هن لکڻ جي برانڊيڊ پرسز، مهانگين گهڙين، قميتي ڪپڙن، سينڊلن، سڪارف، پرفيومن جي امير دنيا پٺيان ڀڳڙن مُٺ تي ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ ٻين تلخ حقيقتن کي وائکو ڪيو آهي. شفالي انهن حقيقتن تي لکي گليمر فيشن بابت تحريرن کي انوکو انداز فراهم ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ انهن سمورين حقيقتن کي وائکو ڪيو آهي ته لکين رپين جون مهانگيون شيون ٺاهيندڙ مزدور ڪهڙين حالتن ۽ ڪيتري پگهار تي گذارو ڪن ٿا. شفالي واسديو هندستان ۾ رهندي به سنڌي ٻوليءَ کي هرگز ناهي وساريو. هوءَ سنڌي ٻولي چڱي طرح ڳالهائي ۽ لکي پڙهي سگهي ٿي. پنهنجي پيءُ هريش واسديو جي مرڻ تي هن انگريزي ٻوليءَ ۾ هڪ شاندار تاثراتي مضمون لکيو هو.


لفظ شفالي واسديوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو